دڙي ويجهو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾2 نوجوان زخمي

دڙو (ن ع آ) ٽنڊو محمد خان روڊ تي پيٽرول پمپ وٽ تيز رفتار ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب دڙي واسي 2 نوجوان گلزار عرف پپو ميمڻ ۽ امتياز عرف اُمي عباسي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ ٽنڊو محمد خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد اسپتال نيو ويو.

  •  لاڙڪاڻي  ۾ ڪورونا جي ويڪسين لڳائڻ دوران شاگرد بيهوش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نائين ڪلاس جو شاگرد مبينا طور اسڪول ۾ ڪورونا ويڪس لڳرائڻ بعد بيهوش ٿي پيو جنهن کي اسپتال داخل، علاج بعد شاگرد کي گهر روانو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسي 15 سالا نائين ڪلاس جو شاگرد تنوير پٽ عيدن علي ڪوريجو مبينا طور اسڪول ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ بعد گهر پهچڻ بعد بيهوش ٿي پيو جنهن کي وارثن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي بيهوش ٿيل شاگرد کي طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو.ان موقعي تي شاگرد جي ڀاءُ راشد علي ڪوريجو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ تنوير ڪوريجو گورنمينٽ گجڻ پور هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس جو شاگرد آهي جتي اڄ ڊاڪٽرن جي ٽيم طرفان ڪورونا جي ويڪسين لڳرائي وئي هئي جيڪو گهر پهتو ته شام جي وقت اوچتي بيهوش ٿي پيو جنهن کي اسان بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس جي صحت سڌرندڙ ٻڌائي آهي. هوڏانهن طبي امداد ڏيڻ بعد شاگرد کي گهر روانو ڪيو ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.