عثمان هڙي ۽ ڀرپاسي مهانگائي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو

عثمان شاهه هڙي (ن ع آ) عثمان شاهه هڙي ۽ ان جي آس پاس وارن شھرن ۾ مهانگائي عروج تي پهتل کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. مسڪين پورهيت طبقو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به سخت پريشان عثمان شاهه هڙي ۾ ڀاڄين ، ميون ۽ سيدهي جي دوڪاندارن پنهنجي مرضي جااگهه مقرر ڪري وصول ڪرڻ لڳا . ڀاڄين ۾ ڀينڊيون 150 روپيا ڪلو، ٽماٽو 250 گوار 160 روپيا ڪلو، توريون 120 روپيا ڪلو، ميها 140 روپيا ڪلو ، پٽاٽا 60 روپيا ڪلو ، ساوا مرچ 200 روپيا ڪلو، واڱڻ 90 روپيا ڪلو، ڪدو 80 روپيا ڪلو،بصر80  روپيا ڪلو، گوبي 130 روپيا 120 روپيا ڪلو وڪريو ٿي رهيا آهن . اهڙي طرح ميون ۾ صوف 200 روپيا ڪلو، ڪيلا 80 روپيا ڊرجن، انگور 400 روپيا ڪلو ، وڪرو ٿي رهيا آهن . جڏهن ته اٽو 80 رپيا ڪلو کنڊ 150 روپيا ڪلو، دال مڱ 250 روپيا ڪلو، چانور 200 روپيا ڪلو، دال مسور 160 روپيا ڪلو، دال چڻا 140 روپيا ڪلو،گيهه 340 رپيا ڪلو  ۽ کاڄرو تيل 200 کان وٺي 350 تائين مختلف ريٽن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي دوڪاندارن وٽ مارڪيٽ ڪميٽي ٽنڊو الهيار پاران جاري ٿيل ريٽ لسٽون آويزا ٿيل نه آهن جنهن ڪري دڪاندار پنهنجي مرضي جا اگهه وصول ڪري رهياآهن جنهن ڪري دڪاندارن ۽ گيراهڪن جو ڏند چڪ روزانو جو معمول بڻيل آهي هوڏانهن جڏهن دڪاندارن سان وڌيڪ اگهه وٺڻ بابت معلوم ڪيو ويو ته انهن چيو ته کين شيون مهانگيون ملن ٿيون ان کا علاوه ڀاڙا خرچ پڻ آهن تنهن ڪري اسان اهي اگهه وصول ڪري رهيا آهيون هتان جي ساڃاهه وند ڌرين ۽ مسڪين پورهيت ماڻهن حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه ٽنڊو الهيار کان گهر ڪئي آهي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب مسڪين پورهيت ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

  • چوهڙ جمالي ۾پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ جو مهانگائي خلاف احتجاج

چوهڙ جمالي (ن ع آ) پ پ شھيد ڀٽو تعلقي شاهبندر جي صدر سيد گل حسن شاھ چوهڙ جمالي پريس ڪلب ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاج ڪندي چيو آھي ته موجوده حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڏينهون ڏينهن تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب مهانگائي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي روزمره جي استعمال جون چيزون مهانگيون ٿيڻ ڪري غريب طبقو فاقه ڪشي تي مجبور آھي ماڻھن کان وقت جو ويلو کسڻ بند ڪيو وڃي وڌندڙ مهانگائي سبب غريب عوام خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھي حڪومت عوام کي ڪو رليف ته نه ڏيئي سگهي آھي ويتر مهانگائي ڪري غريب ماڻھن کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي کنڊ اٽو گيھ سميت کاڌي پيتي جون چيزون مهانگيون ٿي رهيون آھن هن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا.

  • کنڊ اگهه وڌڻ بعد نئين ڪوٽ ۾چانهه مهانگي

 

نئون ڪوٽ (رپورٽ : زاھد مغل)نئون ڪوٽ کنڊ جي اگھ ۾ غير معمولي اضافي بعد نئون ڪوٽ شھر توڙي آسپاس جي هوٽل مالڪن چانه جو اگھ وڌائي ڇڏيو چانه جو هڪ چينڪ 50 روپيا ڪٽ (اڌڙي) 30 رپيا جي  ٿي ويئي چانه جي موالين جا عمران خان کي پاراتا ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدورن ان سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن بي تهاشا مهانگائي جي دئور ۾ غريب جو ڄمڻ ئي بيڪار آھي عمران خان جي تبديلي سرڪار تبديلي ن پر تباهي آندي آھي غربت جي شرح وڌي آھي غريب ٻار وڪڻڻ تي مجبور آھن تعليم صحت روزگار ڏيڻ حڪمرانن جو فرض آھي پر هن حڪومت عوام کي لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.

  • مهانگائي  ماڻھو کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي: علي ڏنو انڙ

ڏوڪري ( ن ع آ) لاڙڪاڻي اتحاد جي اڳواڻ سانول عرف علي ڏنو انڙ ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ فقير فخرالدين سنديلو جي وفات تي تعزيت ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ مهانگائي جا ذميوار حڪمران آهن جن ڪرپشن ڪري سرڪاري ادارن کي تباھي جي ڪنڌي تي پھچايو آهي،غريب مسڪين ماڻھو کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. ھن چيو ته انڙ خاندان ھميشہ عوام جي خدمت ڪئي آهي اھو ئي سبب آهي جو عوام انڙ خاندان سان گڏ آهي،انهي موقعي تي غلام شبير جتوئي آزاد جروار مختيار علي انڙ پڻ موجود ھئا.

  • عمرڪوٽ ۾سستي ماني فراهم ڪندڙ ادارو سرگرم

عمرڪوٽ (ڊ ر ) عمرڪوٽ ۾ ھن منھگائي جي دور ۾ جڏھن عام ماڻھو ھڪ ويلي لا پريشان آھي اتي اھڙا به ادارا آھن جيڪي انساني خدمت لا ھڪ قدم اڳيان اڳيان ھوندا آھن عمرڪوٽ ۾ پاڪ ويلفيئر آرگنائزسن ھڪ اھڙوبه ادارو آھي جتي 30 روپيه ۾ ھڪ فرد لا سٺي ۽ معياري ماني فراھم ڪري رھيو آھي ھن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو ادارو انھي ڪري 30 روپين ۾ ماني ڏي ٿو جنھن ۾ ھڪ وائٽ ڪالر ماڻھو پنھنجي عزت نفس مجرو نه ٿئي انھي ڪري اسان جي اداري فيصلو ڪيو ته سستي ماني ھر عام ماڻھو تائين پھچائي وڃي.

  • ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عام ماڻهن کي رليف پئڪيج ڏنو ويو آهي: وفاقي وزير

ننڪانه صاحب (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته مهانگائي هڪ عالمي مسئلو آهي، حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀرپورقدم کڻي رهي آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عام ماڻهو کي رليف ڏنو ويو آهي، وزيراعظم جي رليف پئڪيج سان ڪروڙين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا. گذريل ڏينهن ننڪانه صاحب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومتي پاليسين عيوض آبادگارن جي معاشي حالت ۾ بهتري آئي آهي، آبادگارن کي انهن جي فصلن جا بهتر معاوضا ملي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي ڪرشنگ سيزن شروع ناهي ڪري رهي ۽ سنڌ ۾ سرڪاري ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ نه پئي آندي وڃي،پنجاب کان سنڌ ڏانهن ڪڻڪ وڃڻ ۾ قلت پيدا ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته هاڻي عوام خالي نعرن تي يقين نٿي رکي.

  • وارهه واسي مهانگائي خلاف سراپا احتجاج، ڌرڻو

وارھه(رپورٽ : بشير ميرجت) وارھه ۾ مهانگائي خلاف نياز حيدري جبران ڇٽو عمران ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو وفاقي سرڪار خلاف سخت نعري بازي اڳواڻن چيو ته هن وقت پيدا ٿيندڙ مهنگائي غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي غريب طبقو سخت پريشان بڻجي ويو آهي هڪ ويلي جي ماني ڳڀو به مشڪل بڻجي ويو آهي هنن چيو ته اگر مهنگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته غريب بک سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

  • مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: محنتي

نواب شاهه (پ ر ) امير جماعت اسلامي سنڌ محمد حسين محنتي چيو آهي ته حضورﷺ جن جي سيرت طيبه سموري انسانيت لاءِ اونڌاهي ۾ روشني جو ڪرڻو آهي، نبي ﷺ جن سان عشق ۽ محبت جي اها تقاضا آهي ته سنت رسولﷺ تي مڪمل طور عمل ڪندي نظام مصطفىﷺ لاءِ جاکوڙ ڪئي وڃي، مهانگائي، بيروزگاري، امن امان جي خراب صورتحال عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۽ عوام جي مڙني مسئلن جو حل فقط اسلامي نظام کي لاڳو ڪرڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هال ۾ پيغام سيرت النبيﷺ ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير سُرور احمد قريشي، راشد مڪرم، امير فيصل همايون ۽ عدنان ظفر پڻ خطاب ڪيو.  ان موقعي تي شهري تاجر اتحاد جو صدر محمد اسلم شيخ، مُفتي نورمحمد جوڻو، صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا ۽ ظفراقبال پڻ موجود هئا.

 

  • جمال شاھ ۾ مھانگائي خلاف شھرين جو احتجاج، نعريبازي

جمال شاھ( ن ع آ) ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ تيل جون قيمتون وڌڻ خلاف شھرين ۽ رڪشا ڊرائيورن ڪريم بخش خاصخيلي، الھڏنو مھر ۽ عيدن انڙ جي اڳواڻي ۾ رڪشا چونڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعري بازي ڪئي ، ان موقعي تي مظاھرين دانھيندي چيو ته وفاقي حڪومت پيٽرول، کنڊ، گيھ سميت ھرشي مھانگي ڪري غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آھي، ھنن چيو ته تيل جون قيمتون چوٽ تي چڙھڻ سبب اسان رڪشا گھرن ۾ بيھاري ڇڏيا آهن، جنھن سبب فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، ھنن مطالبو ڪيو ته مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.