مونيڪاقتل معاملو ،پوليس پاران اصل جوابدارن کي بچائڻ جو انڪشاف

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ لونگ لاڙڪ ۽ 10 مهينا اڳ زيادتي بعد بيدرديءَ قتل ڪيل معصوم نينگري مونيڪا لاڙڪ جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل شر برادري جي ٻن نوجوانن منصور شر ۽ سليم شر جي سلسلي ۾ شر برداري پاران ڳوٺ خان محمد شر ۾ برادريء جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پاڪستان شر اتحاد جي چيئرمين مير خالد حسين شر شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته معصوم مونيڪا جي والد سان ملاقات ڪري کين خدشا ختم ڪيا وڃن جنهن بعد شر اتحاد پاڪستان جي چيئرمين مير خالد حسين شر تراب شر، محمد ملوڪ شر، زاھد شر، نثار احمد شر، ۽ ٻين اڳواڻن سميت شر برداري جا ماڻهن ڳوٺ لونگ لاڙڪ ۽ پهچي مونيڪا جي والد غلام شبیر لاڙڪ سان ملاقات ڪري کين خدشا ختم ڪيا ان موقعي تي برادريء جي ڪٺ کي مان ڏيندي غلام شبير لاڙڪ چيو ته شروعات کان ئي شر برادريء جي نوجوانن کي اسان بيگناھ سمجهي رهيا آهيون جڏهن ته پوليس ڪيس کي اڪلائڻ خاطر بيگناھ ماڻهن کي گرفتار ڪري اصل قاتل گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو پر شر برادري جي نوجوانن جو معاملي سان ڪو تعلق نه آهي جڏهن ته معصوم مونيڪا جا اصل قاتل سيد برادري سان تعلق رکن ٿا جن کي بچائڻ لاءِ پوليس بيگناھ نوجوانن کي ڦاسايو آهي ان موقعي تي تي شر برادري جي اڳواڻن ۽ مونيڪا جي والد پاران فيصلو ڪيو ويو ته اصل قاتلن جي گرفتاري لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو جيئن ڪيس جي ٻيهر انڪوائري ٿي سگهي ۽ اصل قاتلن کي به سزا ملي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.