ملير ۾ منشيات فروشي جي الزام هيٺ عورت گرفتار

ملير (رپورٽر) ايس ايس پي ملير پوليس مخفي اطلاع تي قائدآباد مان انتهائي گهربل منشيات فروش عورت گرفتار ڪري ورتو، بسم الله ڪالوني ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ويو جنهن وٽان پنج ڪلو کان وڌيڪ چرس، آئس ۽ هيروئن هٿ ڪيا آهن، خبر موجب ايس ايس پي ملير پوليس مخفي اطلاع تي قائدآباد جي علائقي بسم ڪالوني ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي هڪ منشيات فروش عورت ممتاز خاتون بي بي عرف چاچي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪا ملير جي مختلف علائقن منشيات وڪرو ڪندي آهي، جنهن تي اڳ ۾ به ڪيترائي منشيات جا ڪيس داخل ٿيل آهن، ايس ايس پي عرفان بهادر موجب گرفتار ٿيل عورت وٽان پنج ڪلو کان وڌيڪ چرس، آئس ۽ هيروئن هٿ ڪيا ويا آهن ۽ سندس وڌيڪ منشيات ۾ ملوث ساٿين جي ڳولا جاري آهي، جوابدار تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ گرفتار ٿيل جوابدار جي پڇا ڳاڇا لاءِ جاچ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.