ماتلي ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

ماتلي   (ن ع آ) ويجهو ڦلڪارا روڊ لڳ اوٺو شريف وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو ۽ حادثي جي نتجي ۾ 29 ورهين جو نوجوان ٽنڊو الهيار جو رهواسي بابو ڀيل ٿڏي تي فوت ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي بابو ڀيل پنهنجي مائيٽن سان عيد گهمڻ لاء ڳوٺ گهڻو لغاري اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو, ٻئي طرف ٽي موٽرسائيڪل سوار هر هڪ منظور لغاري, وزير لغاري ۽ رضا محمد لغاري سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال ماتلي آندو ويو , زخمين مان منظور ۽ وزير لغاري کي ڳڻتي جوڳي حالت طبعي امداد ڏئي حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي .

بهارو ۽ ڀرپاسي بدامني، 2ڀلوڙ ڳئون چوري، احتجاج

 

بهارو( ن ع آ) بهارو ڀرسان ڦلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله جوڌ جي رھواسي  محرم جوڌ جي گھر مان ٻہ ڀلوڙ ڳئون چوري ڪري فرار ٿي ويا ، ڀاڳين جو چوڻ آهي تہ ساهيوال نسل جون ڳئون آهن جن جي رقم تقربن  6لک رپيا ٿئي ٿي اسان جڏهن چورن جا پيرا کنيا سي تہ ڪجھ مفاصلي تي چور ڳئون ڊاٽسن تي کڻڻ جا نشان مليا آهن ھنن وڌيڪ چيو تہ ڦلو ثاڻي تي   اين سي بہ داخل ڪرائي آھي پر پوليس اڃان تائين ڪجھ بہ نہ ڪيو آهي اسان جي ايس ايس پي خيرپور کي اپيل آھي تہ اسان جو چوري ٿيل ڳئون واپس ڪرايون وڃن نہ تہ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.