چيلهار لڳ ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ 2 ڳوٺاڻا چيڀاٽجي فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)چيلهار ويجهو  عمرڪوٽ روڊ تي  تيز رفتار ڊاٽسن  اڳيان ويندڙ موٽر سائيڪل سوار 2 نوجوانن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو ڊاٽسن ڊرائيور فرار خبرموجب؛چيلهار کان عمرڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ارنرو موڙ وٽ تيز رفتار ڊاٽسن  ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري  اگيان ويندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ويئي.نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار چيلهار واسي  30 سالا نوجوان نظير  پٽ رحمت الله  ڪنڀار ۽ ڦل جي  جو تڙ واسي 40سالا  سليمان  پٽ فتح محمد نهڙيو موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا آھن. يادرهي ته فوتي  نوجوان نظير ڪنڀر  پٽ جهڙي نعمت کان محروم هجڻ سبب ٻي شادي به ڪئي هئي کيس ٻنهي گهروارين مان پنج نياڻيون  آھن .۽ نوجوان سليمان نهڙيو جو والد ۽ چاچو پر اسرار بيماري وگهي  هلڻ ڦرڻ کان لاچار هجڻ سبب  ٻنهي خاندانن جو اڪيلو سهارو هو.واقعي بعد علائقي جو ماحول سوڳوار بڻجي ويو. رشتيدارن سان گڏ عام ماڻھون به اوڇنگارو ڏيندا رهيا. جڏھن ته  ڊاٽسن ڊرائيور موقعي تان فرار  ٿي ويو ڇاڇرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ ڊاٽسن ڇاڇرو منتقل ڪيا جتان ٻئي لاش  ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آھن آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.