کنڀيل ذاڪر سهتو آزاد نه ٿيو، نوابشاهه ۾ 82 ڏينهن به احتجاج

نوابشاه(ڊ ر) شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ، راجا سھتو، فراز عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 82 ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ھنن چيو ته قومي ڪارڪنن کي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته قومي ڪارڪنن کي فوري طور بازياب ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن انهن مٿان ڪي ڪيس آھن ته انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.