اڏيري لال وليج ۾ پوليس جي منشيات فروشن خلاف وٺ پڪڙ

اڏيرولعل وليج (ن ع آ)  ايس ايس پي مٽياري جي منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ جي حڪم کان پوء اڏيرولعل پوليس پاران هڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوا ان موقعي تي ايس ايڇ او اڏيرولعل سيد سعيد احمد شاھ عوامي آواز  جي نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي هڪ خوفيا اطلاع مليو ته هڪ شخص درگاه محلي ۾ پنهنجي گهر اڳيان چرس کپائي رهيو آهي ان تي آئون پوليس اسٽاف ساڻ ڪري درگاه محلي تي پهتاسون ته اسان ڏٺو ته هڪ شخص بيٺل هو جنهن کان نالو پڇڻ تي هن پنهنجو نالو رضوان ولد شڪور قريشي ٻڌايو جنهنجي تلاشي وٺندي سندس قبضي مان هڪ هزار چونجاھ گرام چرس هٿ ڪري مٿس گناه نمبر 154  c/9 تحت  ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.