ڀرياروڊ ۾ دڪاندارن ڀاڻ جا هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، آبادگارن ۾ ڳڻتي

ڀرياسٽي ( ن ع آ) ڀرياروڊ ۾ فرٽيلائيزر دوڪاندارن جي من مستي يوريا ۽  امونيم ڪين ڀاڻ جو هٿرادو ريٽ آبادگار هارين کي 300کان 400 روپيا مٿي وڪرو ڪرڻ لڳا۔ آبادگارن ۽ هارين جا مٿي تي هٿ اچي ويا۔ جڏهنته يوريا ڀاڻ جو وڪرو ريٽ 1768 روپيا ڪمپني ۽ گورنمنٽ جي طرفان  مقرر ٿيل آهي،  جڏهن ته ڀرياسٽي ۽ ڀرياروڊ غلام منڊي جي اسٽاڪ هولڊرن يوريا ڀاڻ جو زخيرو ڪري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري يوريا ڀاڻ  2100 روپيا وڪرو ڪرڻ لڳا۔ جڏهن ته ايگريڪلچر ڊپاٽمنٽ نوشهروفيروز ۽ ڊي سي نوشهروفيروز ڀاڻ زخيرو  ڪندڙن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي . زخيرو ڪندڙ آبادگارن ۽ هارين کي ٻنهي  هٿن سان ڦرڻ لڳا۔ جڏهن ته فرٽيلائيزر دوڪاندار ڪميشن تي هارين کي ڦرڻ جي ڪوشش ته  ڪندا رهن ٿا۔ پر وڌيڪ ڀاڻ جو هٿرادو ريٽ مقرر ڪري راتون رات امير ٿيڻ جي به ڪوشش ڪري رهيا آهن. آبادگارن ڊي سي نوشهروفيروز ۽ ايگريڪلچر نوشهروفيروز کان گهر ڪندي چيو ته زخيرو ڪندڙ فرٽيلائيزر دوڪاندار ڪميشن عيوض ڀاڻ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري آبادگارن کي سهولت فراهم ڪئي وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.