ھڪ سو ويهه ارب رپين جو رليف پيڪيج: حقيقت ڇا آھي؟

تحرير؛سدا حيات جلباڻي

وزير اعظم عمران خان پاران ڳالهھ ٿيندي آھي تـ ڪروڙن جي ٿيندي آھي. پھريان ھڪ ڪروڙ نوڪرين جو قصو ھو. ٽين نومبر واري قوم کي ڪيل خطاب ۾ وزير اعظم صاحب چيو آھي تـ سوا ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھن کي ڇھن مھينن تائين گيهھ، اٽي ۽ دالين تي ٽيھه سيڪڙو ڊسڪائونٽ ملندو. ھن عوام کي خبردار ڪيو آھي تـ ويجھي مستقبل ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌي سگهن ٿيون. ھن ڀئو ڏياريو آھي  تـ ھيلوڪي سياري ۾ گيس جو ٻيو بحران پيدا ٿي سگھي ٿو. ھن پنھنجي تقرير ۾ چيو تـ سندس سرڪار کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾  پنجاھ سيڪڙو جي گهٽٽائي ڪري سگهي ٿي،  جيڪڏھن مخالف ڌر جا ڪٽنب ملڪ مان ڦريل رقم جو اڌ واپس کڻي اچن. عمران خان پنھنجي تقرير ۾ ملڪ ۾ تيل ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جي قيمتن ۽ دنيا ۾ انھن اسمن جي قيمتن جي تفصيلي ڀيٽ ڪئي آھي. ھن چيو تـ کيس احساس آھي تـ ملڪ ۾ قيمتون وڌيون آھن. پر ان لاءِ اپوزيشن جي غلط پاليسين کي قصوروار قرار ڏنائين. ھن چيو تـ ھڪ سئو ويھه ارب روپين جو پيڪيج احساس پروگرام جي جاري پروگرامن کان الڳ آھي.

پيٽرول جي قيمتن ۾  واڌ بابت وزيراعظم جو چوڻ ھو تـ ملڪ ۾ پيٽرول جون قيمتون ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ پيٽرول جي قيمتن کان گهٽ آھن. اھو بلڪل درست آھي. پر وزير اعظم عمران خان صاحب اھا ڳالھ ڌيان ۾ نـ آندي آھي تـ ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ماڻھن جو بائنگ پاور (خريداري جي قوت) اسان جي ملڪي ماڻھن جي بائنگ پاور کان وڌيڪ آھي. ڇو تـ اتي ماڻھن جي آمدني گهڻي آھي. پاڪستاني ماڻھن جي سالياني جي ڊي پي پرڪيپيٽا ٻـ لک ٻـ ھزار نوسئو اسي روپيا آھي. ان جي ڀيٽ ۾ ڀارتين جي سالياني  جي ڊي پي  پرڪيپيٽا ٽي لک ٻاھتر ھزار چار سو ستر روپيا آھي. اھڙي ريت بنگلاديش جي سالياني جي ڊي پي پرڪيپيٽا  چار لک چوٽيھه  ھزار ھڪ سئو اسي روپيا آھي. (پاڪستاني رپئي جو ريٽ ھڪ سئو ستر رپيا في ڊالر لڳايو ويو آھي.) اھڙي ريت پاڪستان ۾ سرڪاري طور بيان ڪيل انفليشن نو سيڪڙو آھي. جڏھن تـ ڀارت ۾ اھو انگ چار ڏھائي ٽي پنج آھي ۽ بنگلاديش ۾ پنج ڏھائي پنج ڇھه سيڪڙو آھي.

ھاڻي پاڪستان جي صنعتي پيداوار جي ڪارڪردڳي جو ڪاٿو لڳائي ڏسجي ۽ ان جي ڀيٽ ڀارت ۽ بنگلاديش سان ڪري ڏسجي. پاڪستان جي جي ڊي پي رڳو معمولي ٻـ سوڇھا نوي ارب ڊالر آھي. ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت جي جي ڊي پي ٽي کرب ڊالرن کان وڌيڪ آھي.اھڙي ريت بنگلاديش جي جي ڊي پي چار سئو نو ارب ڊالر آھي. (اھي انگ اکر آئي ايم ايف، ورلڊ بينڪ، سي آئي اي ورلڊ فيڪٽس ۽ پاڪستاني ميڊيا ھائوسز جا آھن.) پاڪستاني ايڪسپورٽ پنجويھه ارب ڊالر کان ٿورڙو وڌيڪ آھن. جڏھن تـ ڀارت جي ايڪسپورٽ ٻـ سئو ايڪيانوي ارب ڊالر آھن. بنگلاديش جي  ايڪسپورٽ ستٽيھه ارب ڊالر آھي. ٽنھي ملڪن جي امپورٽ تي اک ڦيرائي ڏسجي ته پاڪستان ڇاونجاھ ارب ڊالر، ڀارت ٽي سئو چورانوي پلس ڊالر ۽ بنگلاديش سٺ ڊالر.

مٿي ڄاڻايل حقيقتن جي ڪري ئي مخالف ڌر جي مک پارٽين مسلم ليگ (نون) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وزيراعظم جي رليف پيڪيج کي قوم سان تاريخي فراڊ ۽ دوکو ڪوٺيو آھي ڇو جو وزير اعظم جي تقرير جي ٻئي ڏينھن ئي پيٽرول جو ملھ  اٺ روپيا في لٽر وڌي ويو آھي. ڪنھن کي خبر نـ آھي تـ  پيٽرول جون قيمتون وڌڻ سان ٻين ڪيترين شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي ويندي آھي. پيٽرول مھانگو معنئٰ شين جي چرپر مھانگي.

مخالف ڌر وارن جو چوڻ آھي تـ عوام کي رليف تڏھن ملندو جڏھن عمران خان اقتدار جي پچر ڇڏي گهر ڀيڙو ٿي وڃي، ڇا ڪاڻ تـ ٻاويھ ڪروڙ ماڻھن جو ملڪ ھلائڻ موجوده وزيراعظم جي وس جي ڳالھہ نـ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.