ميرپورخاص ويجهو ريل خراب، مسافر دربدر

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۽ کوکراپار ڇور سيڪشن تي هلندڙ مسافر ريل گاڏي ماروي پسيجئر  ايڪسپريس جيڪا شام جو پوڻين ڇهين وڳي ميرپورخاص کان کوکروپار ۽ ڇور رواني ٿيندي آهي گذريل ڏينهن (ڇنڇر ) تي حيدرآباد کان يرپورخاص اچڻ بعد ان جو انجڻ فيل ٿي ويو جنهن ڪري اها ٽرين ٽي ڪلاڪ ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي بي يارو مددگار بيٺل رهي جنهن ۾ سوار شادي پلي , پٿورو , ڍورو نارو , پرچي ويري , ڇور ۽ کوکرو پار شهرن  سميت مختلف ننڍن وڏن شهرن ۽  ڳوٺن  جا سوين مسافر جن ۾ بيمار  مريض , عورتون ۽ معصوم ٻار شامل هئا اهي چار ڪلاڪ ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي سردي ۽ مڇرن جي ڀرمار ۾ دربدر ٿيندا رهيا بعد ميرپورخاص اسٽيشن جي ريلوي اختيارين فونن وسيلي ڪراچي آفيس ۾ رابطو ڪيو جنهن بعد چئن ڪلاڪن کانپوء ڪوٽڙي ريلوي اسٽشن تان هڪ رليف انجڻ ميرپورخاص پهتو جنهن بعد خراب ٿيل انجڻ کي ٽرين مان ڌار ڪري اٽڪل پنج ڪلاڪ ليٽ بعد ماروي ايڪسپريس کي ميرپورخاص مان ڇور ۽ کوکرو پار روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.