شين جي اگهن تي وس نه ٿو هلي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي: شهباز شريف

لاهور (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف مهانگائيءَ جي معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف چيو ته اٽي، کنڊ، گيهه، دوائن، بجلي، گئس، پيٽرول، معيشٽ ۽ مهانگائي تي وس نٿو هلي ته استعيفيٰ ڏيڻ عمران خان جي وس ۾ آهي. هن چيو ته کنڊ کانپوءِ پيٽرول ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ عوام تي مهانگائي جي بمباري آهي، ظلم جي هيءَ حڪومت نٿي هلي سگهي، وزيراعظم عمران خان استعيفيٰ لکي عوام کي بنا دير رليف ڏئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.