حيدرآباد ۾ مهانگائي خلاف ايس ٽي پي جي احتجاجي تحريڪ جاري

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران سنڌ سميت ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون چئن ڏينهن واري احتجاجي تحريڪ ڪالهه به جاري رهي، ٻئي ڏينهن تي ايس ٽي پي ڪارڪنن رستم خان لاشاري، غلام محمد چنده، لياقت جويو، نور الله مگسي، نواز چانڊيو، عرفان بروهي،نياز کوسو، شبير جوڻيجو، اظهر پيرزاده ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي غريب عوام هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي. هنن چيو ته نااهل حڪمران سبب روز پيٽرول، اٽي، دالين ۽ کنڊ سميت ٻين کاڌي پيتي جي شيين جا اگهه وڌي رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ سميت ملڪ جو عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.