ناظم جوکيو جو قتل انساني حقن جي لتاڙ آھي: ادبي سنگت شاهپور جهانيان

شاهپورجهانيان(ن ع آ) شاهپورجهانيان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جي دستوري گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ نالي واري سماج سڌارڪ ساڃاھوند عبدالوحيد ڏاھري صدر پريس ڪلب شاهپورجهانيان جي صدارت م ٿي گذري گڏجاڻي جي شروعات ۾ امداد سولنگي پاران شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا طور نظم پيش ڪيو،جڏھن تہ غزل جي قداور شاعر مئڪش سومرو  شھيد ناظم جوکيو جي بيدرديءَ ۽ بيرحماڻي قتل تي مزاحمتي شعر پيش ڪيا،صدارت راء ڏيندي عبد الوحيد ڏاھري چيو تہ ناظم جوکيو جو قتل انساني حقن جي لتاڙ آھي ھن قتل سان پوري انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪيل آھي سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري چڪو آھي، جيڪڏھن ان نظام کي ختم ڪرڻ لاء  آئيني سڌارا نه ڪيا ويا ته ڪيترائي ناظم  جھڙا فرد قتل ٿيندا رھندا گڏجاڻي ۾ برک عالم سنڌ پرست دانشور مولانا عزيز اللہ ٻوھيو جي لاڏاڻي کي قومي نقصان قرار ڏيندي تعزيت جو اظھار ڪيو ويو، ساڳئي وقت سنڌ جي جاکوڙي ڪردار جڳ مشھور شاعر ۽ صحافي منصور ميراڻي جي وڇوڙي تي پڻ ڏک جو اظھار ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.