ناري ۾عرب شڪارين جي گاڏي 2 هرڻ چيڀاٽي ڇڏيا، پٽيشن داخل

خيرپور/نارو(ڊر / ن ع آ)  ناري  تعلقي جي اڇڙو ٿر جي ريگستان ڪوٽ جبو ۽ پهاڙي بيلٽ ۾ سياري جي موسم ايندي ئي تلور.تتر ۽ هرڻ جي شڪار لاءِ عرب شهزادن جي ملازمن خيما کوڙي ڇڏيا. عرب شهزادن جي شڪار ڪرڻ ۽ گاڏين جي گهمڻ لاءِ علائقي ۾ بلڊوزر ۽ هيوي مشينري ذريعي سندن ملازم رستا ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن هيوي مشينري ۽ بلڊوزن جي آواز سبب ٿر ۾ رهندڙ مسڪين مالوند سخت پريشان بڻجي ويا ڌاٻيجي واري ۾ شهيد ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي بعد ماڻهن ۾ خوف ڦهلجي ويو آهي عرب شهزادن جي خوف ۽ زيادتين سبب اڇڙو ٿر جي تڙ ڪنڊو واري ۽ ماڙيواري جارهواسي ڳوٺاڻا سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ پهچي ويا آهن ڳوٺاڻي حاجي ڳوڌو فقير ملو پنهنجي وڪيل جلال الدين چانڊيو معرفت سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي عدالت سڳوري پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي عرب شهزادن جي اهم پوسٽن تي فائز ملازمن عبدالرشيد چاچڙ. اسد علي شر،  مبين، پرويز ۽ حنيف کي ليگل نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اڇڙو ٿر جي ڪنڊو واري ۽ ماڙي واري علائقي ۾ ڳوٺاڻن عرب شڪاري جي گاڏين کي روڪي ڪم ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي ڳوڌو فقير ملو. مبارڪ ملو. ناظم علي ملو. منو فقير. محمد صادق ملو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ عرب شهزادا هميشا شڪار ڪن ٿا عرب شهزادن جي گاڏين جي آواز ۽ گوڙ سبب چوپايو مال ڀڄي ۽ مري وڃي ٿو اسان کي ڪابه سهولت ميسر ناهي عرب شهزادا صرف تر جي بااثرن ڀوتارن کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل آهن. ٻئي طرف عرب شڪارين جي اهم ملازم پرويز علي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ابوظهبي گورنمنٽ اڇڙي ٿر واري علائقي ۾ هرسال ماڻهن جي علاج لاء بهترين ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيمون جوڙي سندن علاج ڪرائيندي آهي 80لک ماليت جو بنا فرق جي غريبن ۾ راشن تقسيم ڪندا آهيون باقي ڪابه زيادتي ناهي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.