سراج الحق جي تعزيت، سنڌ ۾ قانون ناهي: جماعت اسلامي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته دادو ۾ ادي اُم رباب جي خاندان، قمبر ۾ ڀيڻ فهميده سيال ۽ هاڻي ملير ۾ ناظم جوکيو جو بيدردي سان قتل مان محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ قانون نالي ڪابه شيءِ وجود ڪونه ٿي رکي، وڏو وزير ناظم جوکيو جي وارثن وٽ لنگهي وڃڻ سٺي ڳالهه آهي، پر هوءَ متاثرخاندان کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، شهيد ناظم جوکيو سرداري نظام آڏو ڪنڌ جهڪائڻ کان انڪار ڪري هوشو شيدي ۽ دودي سومري جي بهادري واري تاريخ ورجائي آهي، اسان سندس عزيمت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير ۾ بيدردي سان شهيد ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ ٻين وارثن سان تعزيت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هوڏانهن مرڪزي امير  سراج الحق ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو سان ٽيليفون تي تعزيت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پ پ ايم پي اي ڄام اويس بجار پاران نوجوان جي قتل جو واقعو ڳڻتي جوڳو آهي، ان دردناڪ واقعي جي جانچ لاءِ اعلى سطحي جي آءِ ٽي جوڙي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.