ڏهرڪي ۾ جهوپڙين ۾ ويٺل فقيرن جي هڪ معصوم نينگري سان مبينا زيادتي، مزاحمت تي تشدد

ڏهرڪي (رپورٽ: اسد لغاري) ڏهرڪي ۾ اينگرو ٽي چوڪ ڀرسان ڏهرڪي فلور مل وٽ جهوپڙين ۾ ويٺل فقيرن جي هڪ نينگري سان ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، مزاحمت تي کيس تشدد ڪري زخمي ڪيو ويو، نينگري کي ڏهرڪي اسپتال آندو ويو، جتي ناري جي پيءُ انصاف مٺواڻي دانهيندي چيو ته جوابدارن رات جي وقت ڌيءُ کي گهر ٻاهران کنڀي کڻي وڃي اجتمائي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، ڌيءُ  جي رڙين تي کيس تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪيو ويو، ڏهرڪي پوليس نينگري جي پيءُ جي فرياد تي رحيم يار خان واسي جوابدار شوڪت علي خلاف زنا جي ڪوشش ۽ تشدد جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي،آخري اطلاعن تائين واقعي ۾ ملوث جوابدار  گرفتار نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.