ڪراچي پوليس چيف مقتولا جي گهر پهتو

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي پوليس چيف عمران يعقوب منهاس قيوم آباد واري علائقي ۾ شادي جي ڪاڄ دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل 7 سالن جي نينگري سعديا جي گهر وڃي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان گڏ ڊي آءِ جي ڪراچي ڏکڻ ۽ ايس ايس پي ڏکڻ به گڏ هئا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب منهاس فوت ٿيل ٻارڙي سعديه جي والد، ڏاڏي ۽ علائقي واسين سان ملاقات ڪئي ۽ کانئن واقعي جا تفصيل ورتا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي افسوسناڪ واقعي ۾ ٻارڙي جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو. پوليس ترجمان موجب مقتول نينگري سعديه جي والد پوليس پاران ڪيل جاچ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته پوليس چيف کين انصاف جي فراهمي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيارڻ جي پڪ ڏني. ياد رهي ته قيوم آباد ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ فائرنگ ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي سعديه گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.