سردارن رياست اندر رياستون قائم ڪيون آهن، معافي جو رواج هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي : عورت اڳواڻ

حيدرآباد (رپورٽر) عورت اڳواڻن، ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل واري واقعي کي سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي انسان دشمن عملن جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي شعور جي سطح هاڻ تمام گهڻو مٿي آهي، سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جو وقت پورو ٿي چڪو آهي، جديد ٽيڪنالوجي دور ۾ آواز کي دٻائڻ ايڏو آسان ناهي رهيو، عوام دشمن قوتون عوامي مزاحمت کي نٿيون روڪي سگهن، سردارن ۽ وڏيرن کي عوام آڏو گوڏا کوڙي هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪيو. ان سلسلي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي عورت سيڪريٽري عاليا بخشل چيو ته جاگيرداري نظام جي مٿان اسٽيبلشمينٽ ويٺل آهي، هي سردار ۽ جاگيردار به طاقتور ڌرين جي پيدوار آهن، اهو ئي سبب آهي ته هنن زرعي سڌارن تي پابندي مڙهي ڇڏي، زرعي سڌارن کي تڪراري بڻايو ويو. هن چيو ته سڀ سردار، جاگيردار ۽ سرمائيدار يا ته اسيمبلين ۾ موجود آهن يا ڪٿي نه ڪٿي فيصلا ڪندڙ آهن، پراڻ پسندي ۽ جاگيرداري کي هٿي مليل آهي، مشرف جي دور ۾ جاگيرداري ۽ سرداري نظام وڌيڪ طاقتور ٿيو. هن چيو ته اسان بلوچستان جو سردار اڪبر بگٽي به ڏٺو جنهن هرڻ مارڻ تي عرب شڪاري کي پڪڙي ويهاري ڇڏيو ۽ هتي وري اسان جا سردار آهن جيڪي عرب شڪارين جي ڪري اسان جي نوجوانن کي مارين ٿا. عورت اڳواڻ ۽ نامياري شاعره بختاور ڄام چيو ته سنڌ ۾ شعور جي سطح ۾ تمام مٿي آهي، عام ماڻهو باشعور ٿي چڪو آهي، ان جو مثال ناظم جوکيو آهي، جيڪو پکين جي تحفظ، پنهنجن دنگن جي حفاظت، ڳوٺ ۽ ڌرتي جي وارثي ڪرڻ جي لاءِ سردارن جي مهمان عرب شڪارين خلاف سامهون ٿي بيٺو. سياسي پارٽين کي به هاڻ سوچڻو پوندو ته هو پنهنجين پارٽين ۾ اهڙن ماڻهن کي جاءِ نه ڏين جيڪي عوام جا دشمن بڻجي سامهون اچن ٿا، عورت اڳواڻ ريحانه چنڙ چيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور وڌي ويو آهي، هاڻ اٿندڙ آواز کي روڪڻ ڏکيو آهي، جيڪي علائقا سردارن ۽ وڏيرن جي ڪري دٻاءُ هيٺ رهيا آهن اتي هاڻ سوشل ميڊيا کي استعمال ڪندي سردارن ۽ وڏيرن کي سوڙهو ڪيو ويو آهي. جڏهن ڪيٽيون سردارن جون نه رهنديون ته انهن جي سرداري به ختم ٿي ويندي، ناظم جوکيو جي قرباني جي نتيجي ۾ جيڪو ماحول سرداري نظام خلاف جڙيو آهي ان کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ جي ضرورت آهي. ناري جمهوري محاذ سنڌ جي صدر مقصودا رتڙ چيو ته سردارن رياست اندر رياستون قائم ڪري ڇڏيون آهن، وڏيرو ۽ سرمائيدار اسان جو گڏيل دشمن بڻجي سامهون آيو آهي ۽ انهن سان گڏ حڪمران طبقن جي طاقت به شامل آهي، جيڪي مظلومن کي ڪچلي رهيا آهن. هن چيو ته سرداري نظام عورت جي عزت ۽ احترام کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، سردارن ۽ وڏيرن جي جوڙيل انسان دشمن ۽ عورت دشمن رواجن ۾ عورت کي ڍورن جيان وڪرو ڪيو وڃي ٿو، عورتون ۽ نياڻيون سڱ چٽي ڏنيون وڃن ٿيون. سنڌي عورت تنظيم جي جوائنٽ سيڪريٽري شهزادي ڀرڳڙي ڳالهائيندي چيو ته سردارن، پيرن ۽ وڏيرن سنڌ سان تمام گهڻيون ناانصافيون ڪيون آهن، اسان جون معصوم نياڻيون ڪٿي به محفوظ ناهن، جن ماڻهن کي ووٽ ڏئي اسيمبلين تائين عوام پهچايو آهي اهي ئي ماڻهن مٿان ظلم ڪري رهيا آهن، هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ظلم جي انتها ٿي وئي آهي، هن چيو ته ناظم جوکيو کي اسان سلام پيش ڪيون ٿا جيڪو سردارن خلاف اٿيو ۽ شهيد ڪيو ويو، ان جي شهادت جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف اٿي آهي. سماجي تنظيم سورمي ڊولپمينٽ وومين سوسائٽي سنڌ جي صدر ماروي عابدا سمون چيو ته سرداري نظام سياسي نظام جي پٺيان لڪل آهي، هي سردار ڪڏهن زمين جو سودو ڪن ٿا ته ڪڏهن ڌرتي ڌڻين جي زندگين جا سودا ٿا ڪن. هن چيو ته هي سردار ناظم جوکيو جهڙن ٻين ڪيترن ئي نوجوانن جي زندگين جا ڏيئا اجهائي چڪا آهن. هن چيو ته هي وقت آهي ته اسان ناظم جوکيو جي خون سان انصاف جي لاءِ آواز بڻجون، سندس وني ۽ خاندان جي ٻين فردن جو ساٿ ڏيون، قاتلن کي معاف ڪرڻ وارو رواج هاڻ سنڌ ۾ ختم ٿيڻ گهرجي، چونڊن ۾ اهڙن ماڻهن کي نه چونڊيو وڃي جيڪي انسان دشمن هجن. سماجي اڳواڻ فردوس سانگي چيو ته اهڙا نمائندا اسان ڇو چونڊيا آهن جيڪي پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي ماڻهن کي اغوا ڪري ماري ٿا ڇڏين، سنڌ ۾ سردارن خلاف ڳالهائڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. هن چيو ته سڄو نظام سردارن ۽ وڏيرن سان ٻڌل آهي، عام ماڻهن کي هاڻ ان ڳالهه ڏانهن سوچڻ گهرجي ته سردارن بجاءِ مڊل ڪلاس پڙهيل لکيل ماڻهن کي اڳتي آڻيون ۽ انهن جو ساٿ ڏيون جيڪي سردارن جي سامهون ٿي بيهن ۽ اسان جي سرداري نظام مان جان آجي ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.