مهانگائي خلاف پي ڊي ايم جو صوبن ۾ مارچ جو اعلان، سنڌ ۾ 13 نومبر جي تجويز

اسلام آباد( م ڊ) پي ڊي ايم مهانگائي خلاف صوبن ۾ مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. 13 نومبر تي ڪراچي ۾مارچ جي تجويز آئي آهي. 11 نومبر تي سربراهي اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو. پ پ جي پي ڊي ايم ۾ واپسي جا امڪان به ڏيکاريا پيا وڃن.مولانا فضل الرحمان جِي صدارت ۾ پي ڊي ايم جَي ورچوئل اجلاس دوران ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومت مخالف تحريڪ تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مهانگائي خلاف صوبن ۾ مارچ ڪيو ويندو ۽ اُن مارچ کي ختم ڪري لانگ مارچ جِي شروعات ڪئي ويندي. 13 نومبر تي ڪراچي، 17 نومبر تي ڪوئيٽا ۽ 20 نومبر تي پشاور مهانگائي خلاف مارچ ڪيو ويندو، پارليامينٽ ۾ نيب ترميمي آرڊيننس جِي منظوري روڪڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾  پيپلزپارٽي جِي پي ڊي ايم ۾ واپسي تي به غور ڪيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.