ناظم جوکئي جي قتل خلاف احتجاج، وڏيرا نوجوانن کي قتل پيا ڪن: دودو ديشي

گلشن اقبال( ن ع آ) ٺٽو جي ڪوهستان پٽي ۾ تلور جو شڪار ڪندڙ عرب شھزادن جي ويڊيو ڀري وائرل ڪرڻ تان بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيل شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاء جسقپ پاران سچل ڳوٺ ۾ صحافين, سياسي سماجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ جسقپ اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي، محمد بخش ڀٽي، فرمان علي ڦلپوٽو، آزاد سنجراڻي,  غني بلوچ , فدا ابڙو   ٻين شرڪت ڪئي.  قومپرست اڳواڻ دودوديشي ٻين احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ٺٽو جي ڪوهستاني پٽي ۾ شڪار ڪندڙ عرب شھزادن جي ويڊيو ڀري وائرل ڪرڻ تان نوجوان شهيد ڪيل ناظم  جوکيو کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي, جنهن ۾ اتان جا مقامي وڏيرا ملوث آھن, جن کي بااثر هجڻ ڪري پوليس پڻ گرفتار نٿي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.