”حڪومت خلاف ڪهڙو قدم کڻون“: مريم نواز عوام کان صلاح گهري ورتي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ کانپوءِ به حڪومت جو ڪوڙ جو ڪاروبار جاري آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته نااهل حڪمرانن جو مڙهيل مهانگائي جو شديد عذاب، فاقاڪشي کان تنگ اچي ماڻهن جو آپگهات ۽ هر شعبي ۾ خطي جو سڀ کان پٺ تي پيل ملڪ ٺاهڻ کانپوءِ سِر کان پيرن تائين ڪوڙ جو ڪاروبار جاري آهي، جڏهن حڪمرانن جي دل ۾ عوام جي همدردي نه رهي ۽ اک ۾ حيا نه هجي ته اهڙو ئي هَٺ نظر ايندو آهي.

هن چيو ته اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي کوهه ۾ داخل ڪرڻ کانپوءِ به انهن جو گز جيتريون ڊگهيون زبانون نڪري سگهن ٿيون، ڇو ته انهن کي عوام جي تڪليف جي خبر ناهي.

سندس چوڻ هو پڇو ماڻهن کان اڳ اهي 2017 وارو نواز شريف جو پاڪستان چاهين ٿا يا توهان جو غربت، مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، دهشتگردي ۽ فاقاڪشي وارو پاڪستان؟

مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم ۽ ن ليگ عوام جي احساسن جي ترجماني ۽ انهن جي تڪليفن جو ازالو ڪرڻ چاهي ٿي، ڏک جي گهڙي ۾ توهان سان گڏ بيهڻ چاهي ٿي ۽ توهان جو آواز بڻجڻ چاهي ٿي، توهان جي خيال ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو سڀ کان اثرائتو ۽ انتهائي قدم ڪهڙو هجڻ گهرجي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.