ڏکڻ آفريقا کٽڻ باوجود ناڪام، انگلينڊ ۽ آسٽريليا سيمي فائنل ۾ پهچي ويا

 

شارجا (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ گروپ ون جي آخري ميچ ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم ڪاميابيءَ باوجود ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي، جڏهن ته انگلينڊ ۽ آسٽريليا سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

شارجا ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 190 رنسن جو هدف ڏنو.

پروٽيز کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ انگلينڊ کي 131 رنسن تائين محدود ڪرڻو هو پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ آسٽريلوي ٽيم سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

ميچ ۾ جيتوڻيڪ ڏکڻ آفريقي ٽيم 10 رنسن تان ڪاميابي ماڻي پنهنجون پوائنٽون به انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي برابر ڪري ڇڏيون پر بدقسمتي سان رن ريٽ جي بنياد تي انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.

ميگا ايونٽ جي سپر 12 مرحلي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن پنهنجي پنهنجي کيڏيل 5 گروپ ميچن مان 4 ۾ ڪاميابي ماڻي، تنهن ڪري سيمي فائنل جو فيصلو رن ريٽ جي بنياد تي ٿيو.

واضح رهي ته هيل تائين انگلينڊ، آسٽريليا ۽ پاڪستان جون ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته آخري ٽيم جو فيصلو گروپ ٽو جي رهيل ميچن جي نتيجي موجب ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.