سيرا ليون ۾ فيول ٽئنڪر ڦاٽي پيو، 99 ڄڻا اجل جو شڪار

فري ٽائون (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ سيرا ليون ۾ هڪ فيول ٽئنڪر ڦاٽڻ جي واقعي ۾ 99 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اهو واقعو سيرا ليون جي تخت گاهه فري ٽائون جي ڀر واري علائقي ويلنگٽن ۾ رات جي وقت پيش آيو، جنهن ۾  100 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي باهه لڳڻ کانپوءِ ٻارڻ گڏ ڪرڻ لاءِ اتي موجود هئا، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.