ناظم جوکئي جو خون رائيگان نه ويندو ۽ وارثن سان مڪمل انصاف ٿيندو: نثار کهڙو

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ناظم جوکئي جو خون رائيگان نه ويندو ۽ وارثن سان مڪمل انصاف ٿيندو.

نثار کهڙي صوبائي وزير ساجد جوکئي سان گڏجي آچر سالار جوکيو ڳوٺ پهچي پرديسي پکين جي شڪار جي ويڊيو ٺاهڻ جي معاملي تان تشدد ڪري قتل ڪيل ناظم جوکيو جي ڀاءُ ۽ سندس وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي نثار کهڙي مقتول جي وارثن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ناظم جوکيو جي قتل واري معاملي جو بلاول ڀٽو زرداري سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ مقتول جي وارث سان ھر صورت ۾ مڪمل انصاف ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته اسين مظلوم متاثر خاندان سان گڏ آهيون ۽ واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي پئي وڃي، مقتول جي وارثن تي دٻاءُ وجهڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن، حڪومت متاثرن کي مڪمل انصاف فراهم ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.