قمبر: درگاهه عاليه حسين آباد ۾ عيد ميلاد نبيﷺ پروگرام ٿي گذريو

 

قمبر جي درگاهه عاليه حسين آباد ۾ ساليانو ٻن ڏينهن واري عظيم الشان عيد ميلاد نبيﷺ پروگرام ٿي گذريو.

ميلاد نبيﷺ  جي پروگرام ۾ ملڪ جي نالي وارن گادي نشينن، عالمن، نعت خوانن، مريدن ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل عقيدت مندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جشن عيدميلاد نبي جي پروگرام درگاهه عاليه حسين آباد جي گادي نشين الحاج سيد غلام حسين شاهه بخاري، سيد عطاءُ الله شاهه بخاري، سيد نصرالله شاهه بخاري،سيد ثناءُالله شاهه بخاري ۽ نعت نوانن الحاج مکڻو فقير، مولوي محمد حسين حسيني، فقير رحمت الله لاشاري ۽ ٻين آقائي دوجهان تي محبت جا گل نڇاور ڪيا.

جشن عيد ميلاد نبي کي خطاب ڪندي سيد الحاج غلام حسين شاهه بخاري چيو ته الله تعالي اسان مٿان احسان ڪري ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي احمد مجتبي ﷺ کي موڪلي اسان کي سڌي واٽ ڏيکاري، پاڻ سڳورن جي آمد جي جو ميلاد ملهائي خوشي محسوس ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.