ڄامشورو: جسقم پاران ناظم جوکيو جي قتل خلاف ريلي، مظاهرو

 

ڄامشوري ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي ناظم جوکيو جي قتل خلاف ڪارڪنن ۽ شرين پاران ريلي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ديدار شام، سومرو خان جمالي، خالق مهراڻ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سنڌ ۾ سردارن ۽ ڀوتارن جي دهشتگردي وڌي وئي آهي جنهن کي ٻُنجو ڏيڻ وقت جي ضرورت بڻجي وئي آهي.

هنن چيو ته نوجوان ناظم جوکيو کي سرداري دھشگردي جو نشانو بڻائي بي دردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ناظم جوکيو جي قاتلن کي ڦاهي ڏئي سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.