جمال شاهه: شهرين پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاج

جمال شاھ ۾ شهرين ۽ رڪشا ڊرائيورن  پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين ۽ رڪشا ڊرائيورن پاران ڪريم بخش خاصخيلي، الھڏنو مھر،  عيدن انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رڪشا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پيٽرول، کنڊ، گيھه سميت ھرشي مھانگي ڪري غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آھي.

ھنن چيو ته تيل جون قيمتون چوٽ چڙھڻ سبب هنن رڪشا گھرن ۾ بيھاري ڇڏيا آهن، جنھن سبب فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون،

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته مھانگائي تي ضابطو آڻي غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.