مقتول ناظم جوکئي جي بيواهه پوليس ۽ سنڌ حڪومت مان نااميد، سپريم ڪورٽ کان انصاف جي گهر

 

ڌاٻيجي (ويب ڊيسڪ) مقتول ناظم جوکئي جي گهرواري شيرين جوکيو چيو آهي ته منهنجي وَر جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن مان ڪجهه اڃا تائين آزاد آهن، سنڌ حڪومت ۽ پوليس مان انصاف ٿيندي نه پئي ڏسان، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ مون کي انصاف ڏيارين.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين جوکيو چيو ته سنڌ حڪومت جا اهم اڳواڻ توڙي پوليس آفيسر اسان کي انصاف ڏيارڻ جون خاطريون ته ڪرائي رهيا آهن پر هن وقت تائين ڪيس ۾ ڄاڻايل اهم جوابدار نياز جوکيو گرفتار ناهي ڪيو ويو، منهنجي ور کي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ سندس ڀاءُ اويس گهرام جوکيو پنهنجي بنگلي تي گهرائي وحشياڻو تشدد ڪيو، ان سموري واقعي ۾ نياز جوکيو ۽ سالار جوکيو به ملوث آهن.

هن چيو ته فريادي ۽ منهنجي ڏير افضل جوکيو کي دٻاءُ وجهي ڪيس تان هٿ کڻايو به وڃي پر مان پنهنجي مڙس جي خون سان انصاف ڏسڻ گهران ٿي، ڪجهه بااثر راڄوڻي ذريعي مسئلو حل ڪرائڻ چاهين ٿا پر انهن جي حربن ۾ آئون نه اينديس، مون کي رڳو سپريم ڪورٽ ۽ منصفن مان ئي انصاف جي اميد آهي، انهن کان مطالبو ٿي ڪريان ته بي رحم قاتلن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.