هالاڻي: ڦل جي صحافي کي موت مار ڌمڪيون ملڻ خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

 

هالاڻي ۾ قلم ڌڻين پاران ڦل جي صحافي خالد حسين ميمڻ کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن منظور خاصخيلي، طارق جان سھتو، ظفر اعواڻ  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته خالد ميمڻ حق سچ لکندڙ بھترين صحافي سان گڏوگڏ ھڪ سٺو ليکڪ آھي احساس ڪفالت سينٽر تي ناجائز ڪٽوتي ڪندڙ خلاف خبرون ھلائڻ تان کيس موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته صحافي کي ڌمڪيون ڏيندڙ سلامت ملڪ خلاف ڪارروائي ڪري خالد ميمڻ کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.