ملڪ ۾ سون وري تيزيءَ سان مهانگو ٿيڻ لڳو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر مٿي وڃي رهيو آهي ۽ اڄ به سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 2800 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 23 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 2400 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 5 هزار 453 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 26 ڊالر واڌ سان 1818 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.