پي ڊي ايم حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ڊسمبر ۾ حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ويڊيو لنڪ تي ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ وڌندڙ مهانگائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ مشاورت کانپوءِ پي ڊي ايم ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ حڪومت خلاف لانگ مارچ جو فيصلو ڪندي چيو ته لانگ مارچ کان اڳ چئني صوبن ۾ مهانگائي خلاف ”مهانگائي مارچ“ ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.