تبديليءَ جا روز نوان رنگ، کنڊ جو اگهه آسمان تي پهچي ويو

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ في ڪلو کنڊ جي قيمت 160 رپين تائين پهچي چڪي آهي.

مارڪيٽ ذريعن موجب ڪوئيٽا ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 142 رپيا في ڪلو کپي رهي آهي، جڏهن ته ريٽيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ 5 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اها 160 رپيا في ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چئن ڏينهن دوران کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 47 رپين تائين واڌ ٿي آهي.

هوڏانهن ملتان ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ ننڍي کنڊ جو ريٽ 90 رپيا في ڪلو ۽ هول سيل مارڪيٽ ۾ وڏي کنڊ جو ريٽ 125 کان 130 رپيا في ڪلو آهي.

ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ کنڊ 148 کان 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ ريٽيل ۾ کنڊ 150 رپين ۾ ڪلو ملي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.