ٿر ۾ باراني فصل جا مناسب اگهه مقرر نه ٿيا، حيدرآباد ۾ مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) آل ٿر ليبر ۽ ورڪرز اتحاد حيدرآباد جي سڏ تي فصلن جو مقرر اگهه نه ملڻ، ناجائز ڪٽوتي ۽ واپارين جي هڪ هٽي خلاف ٿر جي سوين مزدورن، شاگردن، وڪيلن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن اڪرم سميجو، منظور نهڙيو، مبين مڱريو ۽ ٻين چيو ته ٿر ۾ واپارين جي هڪ هٽي قائم آهي، ٿر جا واپاري فصلن جو مقرر سرڪاري اگهه ڏيڻ بدران پنهنجي مقرر ڪيل اگهه تي ساريون، ڪڻڪ توڙي ٻيو فصل خريد ڪري آبادگارن، هارين ۽ مزدورن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن. هنن چيو ته ٿري واپارين جي من ماني سبب مزدورن جي مزدوري، آبادگارن جو خرچ به نٿو نه ڪري، جنهن سبب غريب پورهيت طبقو قرضن ۾ ڦاسندو پيو وڃي. هنن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ پورهيت طبقو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي ته ٻئي طرف ناجائز منافعي خور واپارين، هارين، آبادگارن ۽ پورهيتن کي ڦرڻ ۾ رڌل آهن. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته ٿر ۾ واپارين جي هڪ هٽي ۽ من پسند اگهه تي فصلن جي خريداري جو فوري نوٽس وٺي مقرر سرڪاري اگهه ڏياريا وڃن.17

  • ڇاڇري ۾ فصلن جا اگهه وڌائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڇاڇرو (ت ر) ٿرپارڪر ۾ فصل لهڻ کان پوءِ واپارين هٿرادو طور ٿر جي فصلن جا اگھ ٽيڻ تي گهٽائي ڇڏيا آهن، ٿرپارڪر ۾ ٽن سالن تائين مسلسل ڏڪار کانپوءِ چار مهينا اڳ وسڪاري جي موسم ۾ برسات پوڻ کان پوء ٿرپارڪر جي ٽيه سيڪڙو علائقن ۾ برساتون پوڻ بعد ٻنين جي پوکائي دوران فصلن جي اگھن ۽ موجوده اگهن ۾ ٽيڻ تي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  فصل لهڻ کان پوءِ منڱ جي في مڻ اگھ 8 هزار مان 53 سو روپيا ٽيڻ تي گهٽتائي ڪري 27 سو روپيا في مڻ اگھ مقرر ڪيو ويو آهي، موٺ 45 سو روپيا في مڻ مان 29 سو روپيا گهٽائي 16 سو روپيا في مڻ ، تر 12 هزار روپيا مان پنج هزار روپيا گهٽائي ست هزار روپيا في مڻ ، ٻاجهر چار هزار روپيا مڻ مان 21 سو روپيا گهٽائي 19 سو روپيا في مڻ ، اهڙي طرح  گوار، ڪرين سميت ٿرپارڪر جي سڀني فصلن جي اگهن ۾ ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ٿرپارڪر جا غريب هاري ۽ آبادگار سخت پريشان آهن، ٿر جي فصلن جي اگهن ۾ هٿرادو گهٽتائي خلاف گذريل ڏينهن عبدالرزاق نهڙي، قمرالدين مجيد نهڙي، اقبال سميجو، روشن نهڙي، سميت ٻين شهر جي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان دوران هنن ٻڌايو ته نااهل حڪمرانن هڪ طرف روز مرہ جي شين جا اگھ وڌائي ڇڏيا آهن، ۽ منافي خور واپاري کنڊ چانور دالن سميت ڪيتريون شئيون اسٽاڪ ڪري پنهنجي من پسند اگھن تي وڪرو ڪري رهيا آهن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ غريب ماڻهو ٻه ويلا چلھ ٻارڻ لاءِ پريشان آهن.

 

  • ڪلوئي جي شاخ ۾ پاڻي کوٽ، فصل تباهه، احتجاج

 

ڪلوئي (رپورٽ نواز لنڊ)ڪلوئي جي رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر ۾ پاڻي کوٽ برقرار پوڇڙ جي آبادگارن جو بلوچ آباد تي احتجاج بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪرڻ جو اعلان. خبر موجب رڻ شاخ ڏيپلو مائنر جي آبادگارن محمد عيسي لنڊ فتع خان لنڊ ڪامريڊ يوسف لنڊ علڻ نهڙيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو انهي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت سب ڊويزن نئون ڪوٽ ۾ پاڻي موجود آهي پر آبپاشي عملو ڪرپشن ۽ اقربا پروري سبب پاڻي وڪرو ٿي رهيو آهي هن چيو ته هر روز رات جو رڻ شاخ جا واٽر ٽٽي وڃن ٿا جنهن ڪري پوڇڙي ۾ پاڻي پهچڻ مشڪل آهي هنن چيو ته اسان سڀاڻي بلوچ آباد وٽ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪنداسين جيڪا پاڻي جي حاصلات تائين جاري رهندي هوڏانهن بار بار رابطو ڪرڻ باوجود انجنيئر مٺڙائو فون اٽينڊ نه ڪئي جنهن ڪري سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو.

  • واپارين ٿر جي فصلن جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا، عمرڪوٽ ۾احتجاج

عمرڪوٽ (رپورٽ : غلام مصطفي مھر )منھنجي ٿر جو جي حال جي پڇندي ته روئي پوندي ٿر جي بااثر مافيا بڻيل سيٺن ۽ واپارين مبينا ملي ڀگت ڪري ٿر جي فصلن گوار ٻاجھر ترن ۽ منگ توڙي ڪورڙ جو مناسب اڳھ مقرر ڪرڻ بجاء مافيا بڻجي سستي اڳھ تي خريداري ڪري رھيا آھن جنھن سان ٿر واسي غريب پورھيت طبقي جو لکين روپين جو معاشي نقصان ٿي رھيو آھي اھڙي عمل خلاف ۽ مناسب اڳھ نه ملڻ تي نوجوانن ڪالھ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو آل ٿر ليبر ورڪرز اتحاد پاران فقير محب منگريو علي شير سميجو انور سميجو بلاول نھڙي، لال محمد رند، امير علي سميجو، امجد نھڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ٿر بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب عمرڪوٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ ٿر واسي نوجوانن شرڪت ڪئي ان موقعي تي مظاھرو ڪندڙ نوجوانن چيو ته ٿر جي سيٺ مافيا ملي ڀگت سان ٿر جي فصلن جا گھٽ اڳھ ڏئي ٿر واسين جو معاشي قتلام ڪري رھيا آھن نوٽيس ورتو وڃي ۽ ٿر بازار موتي چوڪ ڇاڇرو ۽ ڇور روڊ تي ڇاپا ھڻي اھڙي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ سيٺ مافيا جي ڪارندن کي گرفتار ڪري ٿر واسين سان انصاف ڪيو وڃي انهن چونڊيل نمائندن اعلي اختيارين کان اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾اسان حيدرآباد ء ڪراچي احتجاج رڪارڊ ڪرائندسين.

  • سنڌڙي جي شاخن ۾پاڻي نه پهتو، احتجاج

 

سنڌڙي (رپورٽ: ڪاشف شر) کپرو ڪئنال مان نڪرندڙ گرهوڙ شاخ ڪڻڪ جي پوکائي جي سيزن ۾ به پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهي ان موقعي تي آبادگارن جلال الدين مري، صديق مري، جمال الدين مري، رحم علي مري ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاخ تي مقرر سرويئر منڍ جا واٽر ڪورس ٽوڙائي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي ۽ هڪ شاخ تي 5 کان 6 داروغا مقرر ٿيل آهن ۽ انهن کي حدون ورهائي ڏنيون ويون آهن جيڪي پنهنجي حدن ۾ پمپ لڳرائين ٿا، جنهن ڪري شاخ ۾ پوڇڙي جي 6 واٽر ڪورسن تائين پاڻي بلڪل ئي نه پهچڻ ڪري اسان فصل جي پوکائي نه ڪري سگهيا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته سرويئر علي ڏنو ماڃوٺو کي هٽائي شاخ تي ڪو هڪ ئي داروغو مقرر ڪري شاخ ۾ پاڻي جو گيج پورو نه ڪيو ويو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻو هڻي کپرو _ ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪنداسين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.