ماٿيلي لڳa ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪري هڪ ڄڻو فوت

ميرپور ماٿيلو ( ن ع آ ) جروار لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي ان حوالي سان جروار يارولنڊ لنڪ روڊ تي مٽي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪرڻ سبب پٺاڻ برادري سان تعلق رکندڙ ڳوٺ خالد آباد جو رھواسي محمد خان پٺاڻ زخمي ٿي پيو، وارثن پهچي زخمي کي ميرپورماٿيلو جي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن اسپتال عملي پاران مڙھ جون ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ٻي پاسي فوتي جو مڙھ گھر پھچڻ تي روڄ راڙو متل ھو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل ھئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.