گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ جيل جو بيماري قيدي سکر اسپتال ۾ فوت

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي_ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي ۾ قتل جي ڪيس ۾ قيد عرض محمد عرف گاهي ڪوڀر بيمار ٿيڻ بعد سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو, گهوٽڪي جيل انتظاميه مطابق ته فوت ٿيل قيدي ڏهرڪي ۾ پنهنجي مائٽ نوجوان اسلم ڪوڀرکي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ هفتو اڳ ڏهرڪي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو هيو ، جنهن جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو ، عدالت کيس جيل حوالي ڪري ڇڏيو هيو، جيل ۾ زخمن جو بروقت علاج نه ٿيڻ سبب سندس زخم  ناسور بڻجي ويا  کيس بيهوشي جي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو هيو جتي هو مسلسل بيهوش رهڻ بعد اڄ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.