دولتپور صفن ۾ بدامني، دڪاندارن کان ڦر، سياسي سماجي اڳواڻن جو ڌرڻو

دولتپورصفن ( رپورٽ: محمد موسيٰ انڙ  ) دولتپورصفن شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ بدامني خلاف شهرين، سياسي، سماجي ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي دولتپورصفن ٿاڻي ۾ مظاهرو ڪري ٻه ڪلاڪ ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي روشن سومرو ، انجنئير عبدالڪريم ابڙو ، نذير ڌاهري ، نياز انڙ ، فقير حق نواز ڏاهري ، سياڻو اوٺو ۽ ٻين ڌرڻي ۾ ويٺل مظاهرين سان ڳالهائيندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ دولتپورصفن ڀرسان 4 نامعلوم ھٿياربندن پاران ھٿيارن جي زور تي ٻن دوڪاندارن حق نواز ڏاهري ۽ صاحب خان گائنچو سميت 5 ڄڻن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪري 60 ھزار روڪ رقم ، موبائلون ۽ گاڏي ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اھڙي واردات جي دولتپورصفن ٿاڻي تي  رپورٽ داخل ڪرائي وئي، پر 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ھن مھل تائين پوليس پاران ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي ، جنهن خلاف مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آهيون. ايس ايڇ او ثناءُ  الله پنهور امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، امن امان تي ضابطو نه ڪيو ويو ته ڌرڻو هنيو ويندو، چيف جسٽس ۽ آ ءِجي سنڌ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.