ميرپورخاص ۾ناري اغوا ڪيس، چئن جوابدارن کي عمر قيد

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورخاص جي عدالت ناري فاطمه کي اغوا ڪرڻ بعد وڪرو ڪرڻ وارو ڪيس ثابت ٿيڻ تي مقبولان سندس ڌي وقار بي بي عرف بلو راني، خيرمحمد ۽ عبدالقيوم عرف علي خاصخيلي کي اغوا جي قلم 365 تحت عمر قيد ۽ هڪ هڪ  لک روپيا ڏنڊ، جڏھن ته اغوا بعد ٻين سان فحاشي ڪرائڻ جي قلم 366 تحت 10,10 سال قيد ۽ 50,50 ھزار روپيا ڏنڊ سزا ٻڌائي ويئي، سزا هيٺ آيل جوابدارن خلاف ٻه سال اڳ محمود آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او افتخار باجوه جي فرياد تي  12 ورھين جي نينگري فاطمه پٺاڻ کي ڪراچي مان اغوا بعد زبردستي نڪاح ڪري نينگري کي مختلف ماڻھن کي وڪرو ڪري فحاشي لاء استعمال ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عدالت پاران سزا جي حُڪم بعد جوابدارن کي پوليس جي پهري ۾ سينٽر جيل ميرپورخاص نيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.