سڳيون ۾ارڙي وگهي ٻارڙي فوت

سڳيون (ن ع آ) سڳيون ڀرسان ڳوٺ محمد مٺل مڱڻيجو ۾ ارڙي جي موضي مرض سبب ٻن ورهين جي گلن جهڙي معصوم ٻارڙي عاليہ ڌيءَ سومر مڱڻيجو فوت ٿي وئي جڏهن تہ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ مهيني  کان ارڙي جي بيماري هلندڙ آهي جنهن ۾ 10کان وڌيڪ معصوم ٻار مراد علي مڱڻيجو، تعميلان خاتو،سائڻ خاتون، جنسار علي ۽ عظيم مڱڻيجو سميت 10کان وڌيڪ معصوم ٻار موت جي بستري تي پيل آهن پيل آهن اسان جي ڪنهن به واهر ناهي ڪئي غربت هجڻ سبب معصوم ٻارڙن جو پرائيويٽ علاج به نٿا ڪرائي سگهيو سرڪاري اسپتال مان علاج نٿو ملي هنن ڊي ايم خيرپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي معصوم ٻارڙن کي ارڙي جي ويڪسين ڪرائي ۽ سندن زندگيءَ بچائي وڃي ٻئي پاسي صحافين پاران ضلعي جي ڦوڪل پرسن ڊاڪٽر ڪرم عباس کان فون تي ارڙي بابت موقف ورتوتہ هن ٻڌايو ته مون کي اهڙو ڪوبه اطلاع ناهي مليو باقي ارڙي واري ڳوٺ ۾ فورن اڄ ئي ٽيم موڪلي ارڙي کان بچاء واري ويڪسين ڪرائي ويندي جڏهن ته هن وڌيڪ چيو ته اسان پوري ضلعي ۾ ارڙي کان ٻچا لاءِ ڪيمپون قائم ڪري ۽ 10 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي ارڙي کان بچاء جا ٽيڪا هيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.