ٿر ۾ اينيمي پراپرٽي مقامي ماڻهن کي ڏيو:هاري تحريڪ

مٺي(بيوروچيف)سنڌي هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪوراسري لڳ واڌڙائي ۾ سنڌي هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران جشن ديوالي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو،جنهن ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري،سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماما اشرف رند،عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر اوڀايو جوڻيجو،سنڌي هاري تحريڪ جي ضلعي صدر ڪلتارميگهواڙ،کينراج ڪولهي،ميردل،عبدلجبار هاليپوٽو،مگهنو ڪولهي،پرتاب ڪولهي،ڏاهو موهن ۽ مختلف ڳوٺن جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجو هميشه ٿر جي مسڪين هارين لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آھي ٿر ۾ ڪارو دور هو مسڪين هاري ماڻھو وڏيرن ۽ پوليس جي ظلمن هيٺ ھيا ٿر ۾ عوامي تحريڪ جي اچڻ کان پوءِ جدوجهدون ڪري مسڪين ماروئڙن تان ظلم ختم ڪريا ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪرايا ويا. موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي چيائون ته هتي جي مقامي وسيلن تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت طرفان قبضا ڪيا پيا وڃن سنڌ جي زمين بيهاري برهمي ۽ افغاني ڌارين حوالي ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن ۽ ٿر جي ڪارونجهر کي ڪٽڻ جا نت نيون ڪاميٽيون جوڙي منصوبا جوڙڻ جي سازش ڪري رهيا آھن جڏهن ته ان کي حقيقي وارث رد ڪري چڪا آھن ته پنهنجو هي ورثو ڪٽڻ نه ڏينداسين هي اسان جي پاڻي جو جياپو ۽ روزگار جو وسيلو آھي جيڪڏهن ڪارونجهر کي ڪٽيو ويو ته عوامي تحريڪ ۽ ھاري تحريڪ ڀرپور احتجاج ڪندي ۽ هتي جي مقامي اينيمي پراپرٽي تي ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته اها زمين مقامي هارين کي کاتا ڪري ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.