ماٿيلي لڳ اغوا ٿيل همراهه آزاد نه ٿيو، وارثن پاران احتجاج

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ )  ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ ڊرٻ ڏيٿري ۾ ٻه ڏينهن اڳ لُنڊ برادري جي ٻن ڌرين جي تڪرار تان مبينا طور اغوا ٿيل صدام لنڊ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي نه سگهيو، جڏهن ته نوجوان جي وارثن پاران ٻي ڏينهن به احتجاج ڪيو، مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن عورتن ۽ ٻارن سان گڏ احتجاج ڪندي اياز لُنڊ ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان جو نوجوان جي اغوا کي ٻه ڏينهن گذري ويا پر جروار پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آھي پوليس جوابدارن جي اوطاق تي ويهي واپس موٽي آئي آھي پر نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪي به اپاءَ  ناهن ورتا ويا هنن خدشو ظاهر ڪيو ته اسان جي نوجوان کي مخالف ماري ڇڏيندا، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻيا وسوارا اسان جي مدد ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.