اسلام ڪوٽ احساس سينٽر تي ڪٽوتي جاري، عورتن جون دانهون

مٺي (بيورو رپورٽ) اسلام ڪوٽ ۾ احساس ڪفالت جا سينٽر انتظاميا پاران اي سي آفيس ۾ قائم ڪري ڪٽوتي تي سختي ڪرڻ بعد اومني ايجنٽن سسٽم نه هلڻ جو بهانو بڻائي عورتن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي،جهن سبب اومني ايجنٽن پاران عورتن جا انڱوٺا ميچ نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي چئن ڏينهن ۾ صرف 340 مستحق عورتن کي رقم جي ادائگي ڪئي،پهرين ڏينهن تي 105 ٻي ڏينهن تي 123 ۽ ٽين ڏينهن تي 132 عورتن کي پئسا ڏنا ويا،ڏياري واري ڏينهن تي موڪل هجڻ جو فائدو وٺندي ايجنٽن سرعام في نالي تي 5 سئو کان 1 هزار تائين ڪٽوتي به ڪئي،جڏهن ته ٽن دوران 2000 هزار عورتن کي اومني ايجنٽن سسٽم سلو هئڻ جو جواز ڄاڻائي موٽائي ڇڏيو،روزاني 5 سئو کان ست سئو عورتون پئسن جي قسط ملڻ جي آسري سينٽر تي اچن ٿيون جتي پنج ڊوئيسز هلندڙ هوندي به في ڊوائيس تي 18 کان 20 نالا ڪڍيا ٿا وڃن،اي سي آفيس ۾ سختي بعد اومني ايجنٽن پنج ڊوائسز ٻهراڙي موڪلي ڇڏيون آهن جتي سرعام ڪٽوتي ڪري پئسا ڏنا پيا وڃن،جڏهن ته گذريل احساس ڪفالت واري قسط ۾ روزاني 450 کان 500 عورتن کي روزاني رقم جي ادائگي ڪئي ويندي هئي،پر هن دفعي اومني ايجنٽن پنهنجي بادشاهي قائم ڪندي مستحق عورتن کي رُلائي رهيا آهن. عورتن نامان ٻائي،چندو،ڀاڳان،لڇمي ٻائي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسين هڪ هفتي کان هتي دربدر آهيون پر اومنين وارا سسٽم جو بهانو بڻائي چون ٿا واپس وڃو،اسان روزاني ڀاڙا ڀري سينٽر اينديون آهيون،چئن ڏينهن ۾ 1500 کان مٿي خرچ ٿي ويو آهي،اومنين وارا ڪٽوتي الڳ ڪن ٿا،هاڻي ڪيڏانهن وڃون،سموري چال اومني ايجنٽن جي آهي،خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.