شاگردن کان واڌو فيس نه ورتي ويندي:اسماعيل راهو

حيدرآباد (رپورٽر) يونيورسٽيز، بورڊز ۽ ماحوليات جي صوبائي وزير اسماعيل راھو سنڌ يونيورسٽي جي فيسن ۾ واڌاري خلاف شاگردن جي احتجاج جونوٽيس وٺندي چيو آهي ته سنڌ جي ڪنھن به يونيورسٽي اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ناجائز فيسون ورتيون ويون ته ان انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي ته يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ ٻارن تي ڳرين فيسن جو بار نه پوي شڪايت آئي ته ان يونيورسٽي ۽ تعليمي بورڊن جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، موجوده سرچ ڪميٽي وٽ ڪا قانوني گنجائش ناھي، ڪو ايڪٽ موجود ناھي، وڏي وزير يونيورسٽيز بورڊ کاتي ۾ سرچ ڪميٽي شفاف بڻائڻ لاءِ نئين قانون سازي لاءِ سمري تيار ڪرائي آھي، نئين قانون سازي ڪري مستقل طور سرچ ڪميٽي آڻيون پيا، نئين سرچ ڪميٽي ۾يونيورسٽين اندر رٽائرڊ استادن ۽ آفيسرن لاءِ ڪا گنجائش نه ھوندي، سنڌ جي يونيورسٽين اندر، حڪومتي پوسٽن لاءِ اشتهار ڏيڻ لاءِ سرگرميون ھلي رھيون آھن. اھڙواظھار هن نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ سائنسي ميلي ۾ ڪوٺايل تقريب خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته سائنسي ميلي جو انعقاد هڪ بهترين عمل آهي، اهڙي قسم جي پروگرامن سان ٻارن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي. هن چيو ته 200 ملين روپيا بورڊز جي لاءِ جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته 500 ملين روپيا پڻ جلد جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪجهه بورڊز ۾ فنڊز جي کوٽ آهي، اسين ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بورڊز جي فنڊز جو مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻارهين درجي جي امتحان جي نتيجي ۾ دير ٿيڻ جو سبب فنڊ نه پر ڪورونا جي ڪري امتحانن ۾ دير ٿي جلدي ئي سمورن بورڊز جي فنڊن جو مسئلو حل ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبائي وزير جي حيثيت سان هي منهنجو نور محمد هاءِ اسڪول جو پهريون دورو آهي ۽ مون پنهنجي تعليم پڻ هن اسڪول مان حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سائنسي ميلي ۾ جيڪي پروجيڪٽس ۽ ماڊلز پيش ڪيا آهن، اهي قابل تعريف آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.