بدين ڀرسان پوليس جي ڦريل گاڏي هٿ جوابدار پڪڙڻ جي دعويٰ

بدين (ڊ ر) 15 آڪٽوبر 2021 تي ڏيئي ٿاڻي جي حد ۾ آرائين ٽيل وٽ شفيق کوسو کان ٻن ھٿياربندن سوزوڪي پڪ اپ ڦر ڪئي ھئي اھڙو ڪيس جوابدارن خلاف ڏيئي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو ايس ايڇ او ڏيئي سب انسپيڪٽر بشير احمد چانڊيو اسٽاف سميت خادم شاه سم نالي وٽ ڇاپو ھڻي ڦر ٿيل سوزوڪي پڪ اپ ھٿ ڪري ھڪ جوابدار لطيف بروھي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان غير قانوني ھڪ پسٽل ۽ 4 گوليون ھٿ ڪري ورتيون آهن پوليس جوابدار لطيف بروھي خلاف ڏيئي ٿاڻي تي آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڊگهڙي ۾بدين واسي نوجوان موٽرسائيڪل تان ڪري زخمي

ڊگھڙي(ن ع آ)ڄڃ ۾ آيل بدين واسي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي،خبر موجب بدين شھر جو رهواسي نوجوان بابر علي ولد لياقت علي خاصخيلي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڄڃ ۾ غوثيا مهاجر مسجد ڊگهڙي پهتو جتي سندس موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪئي

بدين ڀرسان ڪولهي ڪٽنب سان روڊ حادثو، ٻارڙي سميت 3 زخمي

بدين. (ڊر ) بدين کان 8 ڪلو ميٽر پري بس اسٽاپ يوسف شاھ وٽ۔موٽر سائيڪل۔بدين۔کان۔تلھار طرف وڃي رھيا ھئا۔ته موٽر روڊ کان لھي ويو.موٽر سائيڪل۔7.کان۔8.گڏ ڪولھين جا عيد جي حوالي سان تيز رفتار ۾ ھئا۔۽ ڪولھي جنھن موٽر سائيڪل ھلايو پئي اھو۔نشي ۾ ڌت ھو.موٽر سائيڪل تي ھڪ اھو ڪولھي موالي۔۽ سندس زال۔۽ ننڊڙي ڌي .سخت زخمي ٿي پيا۔اھيو ٻڌايو پيو وڃي ته ننڊڙي ڇوڪري جي حالت سيرس خراب بدين۔انڊس اسپتال تي داخل  ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.