سنڌ ۽ بلوچستان ۾جبري گمشدگين خلاف جسقم آريسر جو احتجاج، نوشهري ۾ڌرڻو

نوشھروفيروز (رپورٽ : ايم ظفر تگر ) سنڌ ۽ بلوچستان ۾جبري گمشدگين خلاف جسقم آريسر جو احتجاج، نوشهري ۾ڌرڻو، تفصيل موجب سنڌ ۽ بلوچستان مان بيگناھ کنڀي گم ڪيل قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي آزادي لائي جئي سنڌ قومي محاذ آريسر نوشھروفيروز طرفان ريلي ڪڊي پيادل مارچ ڪيو،مارچ ۾ سياسي ،سماجي،علمي،ادبي، قومي ڪارڪنن، شاگردن،ھر مقطبي فڪر سان تعلق رکندڙ شھرين شرڪت ڪئي، جبري طور کنڀي گم ڪيل وطن جي وارثي ۽ مالڪي جي آواز اٿارڻ تان کنڀيا ويا آھن،جسقم اڳواڻ شاھنواز سنڌي،اشرف لغاري، پيادل مارچ ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي وارثن،عبدالڪريم ٺڳڙ، رضا سھتو،امتياز مگڻينجو، عورتن،اقصا دايو،افسانا دايو،شھزادي جوڻينجو،ماروي ڪانڌڙو، معصوم شاگرد پارس جوڻينجو، ۽ قومي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پنھنجن پيارن جي آزادي لائي سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ مان ڪيترائي سياسي ڪارڪنن بنا جواز کنڀي گم ڪيا ويا آهن، جن کي عدالت ۾به پيش نٿو ڪيو وڃي، دنيا جا عالمي ادارا مھذب ملڪ،انساني حقن جون تنظيمون،ايمنسٽي انٽرنيشنل تنظميون نوٽيس وٺن، تفصيل موجب:جسقم آريسر نوشھروفيروز طرفان سنڌ ۽ بلوچستان مان رياستي ادارن ھٿان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لائي ٺاروشاھ اسٽاپ کان نوشھروفيروز پريس ڪلب تي ريلي ڪڊي پيادل مارچ ڪيو،مارچ ۾ قومي ڪارڪنن ۽ وارثن جو وڏو انگ شامل،ريلي مختلف ھندن کان ٿيندي سڌو نوشھروفيروز پريس ڪلب پھتي،ريلي جي اڳواڻي،جسقم آريسر اڳواڻ عزيز ڀنگوار،فلڪ سنڌي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.