نوابشاهه پوليس جي ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

نوابشاھ (ڊ ر) ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي ضلعي مان ھر قسم جو جُرم ختم ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آھي ۽ ھُن ضلعي جي اھم ۽ حساس ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي ڏوھن ۽ ڏوھارين جي خاتمي لاءِ ھدايتون ڏئي ڇڏيون آھن اس ڏس ۾ گذريل ڏينھن قاضي احمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او وحيد شيخ ڪجھ اطلاع ملڻ تي نيشنل ھاءِ وي تي قاضي ۽ دولت جي وچ تي ڪاروائي ڪندي نيشنل ھاءِ وي تي ڦُرون ڪندڙ گروھ جي ھڪ اھم ڏوھاري رفيق لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار جي نشاندھي تي گھ سان ڀريل ھڪ مزدھ جيڪا جوابدارن ڦُر بعد ڳجھي ھنڌ تي بيھاري ھئي ان ھنڌ تي پوليس ڇاپو ھڻي مذڪورھ گھ سان ڀريل مزدھ طحويل ۾ وٺي ڇڏي پُڇا ڳاڇا دوران جوابدار رفيق لاشاري پنھنجي ڏوھن جو اعتراف ڪندي ٻڌايو تہ ھو پنھنجي ٽولي جي ٻين ساٿين سان گڏجي نيشنل ھاءِ وي تان ڦُرون ڪندا ھئا قاضي احمد ٿاڻي تي ايس ايس پي شھيد بينظير آباد جي ھدايت تي ڪيل انھي اھم ڪاروائي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي قاضي احمد پوليس جي انھي ڪاروائي تي جوڙيل ٽيم کي شاباس ڏيندي سندن لاءِ انعام جو اعلان ڪيو آھي رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي چيو تہ ضلعي شھيد بينظير آباد کي مڪمل طور پر امن ضلعو بنائڻ لاءِ سمورا وسيلا قطب آندا ويندا ۽ ضلعي ۾ منشيات، چورين ڦُرن اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي ويندي ھن چيو تہ آئندھ جيڪڏھن ڪنھن بہ ٿاڻي جي حد ۾ ڪا وڏي واردات ٿي تہ ان ٿاڻي جي عملي خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.