پيٽرول اگهن ۾ واڌ عوام جو سک ڇني ورتو

سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر  رات دير سان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ  جو اعلان ڪري عوام جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي. جنهن تيز رفتاري سان هي حڪومت پيٽرول جي مصنوعات جا اگهه وڌائي رهي آهي ان سان سموري ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان کڙو ٿي پيو آهي.جنهنڪري  عام ماڻهون کان زندگيءَ  گذارڻ جا سمورا سبب ڦرجي ويا آهن. پيٽرول هڪ  اهڙو اسم آهي جنهن جي مصنوعات جي اگهن وڌڻ سان عام واهپي جي هر شيءَ جون قيمتون وڌي ٿيون وڃن. جنهن سان عام ماڻهون جي بجيٽ تي  گهڻو دٻاءَ پوي ٿو . نتيجي ۾  زندگيءَ جو گاڏو هلائڻ نه رڳو گهڻو ڏکيو بڻجي ٿو وڃي پر اهو هاڻي ته نا ممڪن ٿيندو پيو وڃي.

سرڪار جي گذريل رات واري اعلان سان پيٽرول جي بنيادي اسمن ۾ اٺ رپين کان به وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي ، جنهن جو سڌو سنئون اثر عوام تي پوڻ شروع ٿي ويو آهي.سڌ سماءَ جي ذريعن موجب پيٽرول اگهه ۾ 8 رپيا 3 پئسا واڌ ٿي آهي.سڌريل ملڪن پر ماحوليات سميت نعم البدل توانائي اهم موضوع آهن جنهن تي سموري دنيا ۾ تحقيق ڪئي پئي وڃي توانائي جي کوٽ جي پورائي ڪرڻ جي لاءِ ان شعبي تي وڏي پئماني تي ڪم ٿي رهيو آهي.ڪيترن ئي ملڪن ۾ نعم البدل توانائي مان لاڀ پڻ حاصل ڪيو پيو وڃي. پر اسان وٽ ان ڏس ۾هڪڙو ته ان شعبي ۾  ڪو ڪم نه پيو ٿئي ٻيو ته  موجوده توانائي جي وسيلن  کي اهڙي اهڙي بي  ڍنگي طريقي سان ڀيليو پيو وڃي جو ويجهي مستقبل ۾ اسان قدرت طرفان عطا ڪيل اهڙين نعمتن کان محروم ٿي وينداسين. هتي بنيادي ڳالهه پيٽرول جي آهي پر سموري توانائي جا وسيلا هڪ ٻئي جو نعم البدل ٿين ٿا جيئن گئس هڪ حد تائين پيٽرول جو بدل آهي. دنيا ان کان به گهڻو اڳيان نڪري وئي آهي بجلي ۽ سولر پڻ توانائي جا سستا ماحول دوست وسيلا آهن جي ان طرف اسان سنجيدگيءَ سان ڪم ڪريون ۽ سچي نيت سان ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ بابت ڪارٿابندي ڪريون.

هاڻوڪي اقتدار م آيل پارٽي حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ اهڙيو پئي ڳالهيون ڪيو ن جو عام ماڻهون جو اهو خيال هو ته هي همراهه شايد حڪومت ۾ايندا ته عوام کي تعليم، رهائش ،روزگار ۽ صحت سميت زندگيءَجون بنيادي سهولتون گهر ويٺي ملي وينديون پر پنهنجي ٽن سالن واري اقتداري مدي دوران هاڻوڪي سرڪار عوام کي جيڪي ٽوٽا چٻرايا آهن تنهن جو ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو مثال نه پيو ملي.

پيٽرول جي اگهن وڌڻ سان ئي سموري ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ جا اگهه وڌي ٿا وڃن جنهن سان عام واهپي جي شين جي مارڪيٽ تائين پهچڻ ۽ مارڪيٽ کان ننڍڙين مارڪيٽن تائين پهچڻ واري سفر م ڀاڄين  ميون ۽ريزڪي جي رواجي شين جون قيمتون چوٽ چڙهي ٿيون وڃن. ڇاڪاڻ جو ضروري گهرج جي انهن شين تي ايندڙ  خرچ  وڌي ٿو وڃي، جنهن جو سمورو بار عام ماڻهون تي پوي ٿو.

هڪڙي پاسي سرڪار پيٽرول جا گهه وڌائي عوام مٿان بم ڪيرايو آهي ته ٻئي پاسي واهپي جي عام اسم کنڊ جي قيمت غريب غربي جي وٺڻ ۽ ڪتب آڻڻ کان چڙهي وئي آهي.مارڪيٽ جي رپورٽ موجب  کنڊ سموري ملڪ ۾ 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، کنڊ جي قيمت ۾ اهو اضافو اشارو ٿو ڏئي  ته هاڻي کنڊ عام ماڻهون جي استعمال جي شي نه رهي آهي، بد قسمتي سان اسان وٽ هتي عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطي جي لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪو سسٽم نه آهي جنهنڪري اهڙين شين جي اگهن وڌڻ جي عام ماڻهون ڪٿي به ڪا دانهن ڪُوڪ ڪري نٿو سگهي، خوراڪ کاتي جي ماتحت ڪي نالي ۾ ذيلي ادا ڪم ڪندڙ هوندا پر انهن جو نه عام ماڻهون نالو ٻڌو هوندو نه ئي ان مان عام ماڻهون کي ڪڏهن ڪو فائدو يا سهولت ملي هوندي، اهي ادارا صرف نالي ۾ قائم ڪيل آهين ۽ سرڪاري رڪارڊ جو حصو ضرور هوندا .

سڌريل  ۽فعال معاشرن ۾ سرڪار عام واهپي جي شين جا اگهه به مقرر ڪري ٿي ته وري انهن جي جاچ پڙتال به مستقل بنيادن تي ٿئي ٿي . ان ڪري جو  اهي معاشرا عوام ڏانهن جوابده هوندا آهن ۽ انهن جي ڏکن سورن جي سار سنڀال به لهندا  آهن. جنهن سان ئي اهڙن سماجن ۾ زندگيءَ جو قدر به هوندو آهي عام ماڻهون جي مسئلن ڏانهن ڌيان پڻ ڌريو ويندو آهي. پر بدقسمتي سان هتي جا حڪمران توڙي سرڪاري مشينري کي هلائيندڙ ڪامورن جو اهڙين شين سان ڪو تعلق ناهي يا هنن اهو سمجهي ڇڏيو آهي ته اهي عام ماڻهون مان سرڪار ته سمورا فائدا کڻندي پر اهي عام ماڻهون يا عوام يا انهن جا مسئلا  ڪڏهن به ڪنهن به سرڪار  جي ايجنڊا جو حصو ئي نه هوندا آهن. تنهڪري انهن کي رڳو ووٽ وٺڻ وقت ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.

اسان جي ملڪ جا سمورا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، عوام هر گذرندڙ ڏينهن ڏکيو گهاري رهيو آهي، اهي حڪمران جيڪي ٻيون ڀيرو يا ٽيون ڀيرو سنڌ تي حڪمراني ڪن پيا اهي به ته وري نئين پاڪستان وارو راڳ ڳائيندڙ سڀئي عام ماڻهون جي مسئلن کان لاتعلق ، بي نياز ٿي ويا آهن. گذريل ٻه ٽي سال يقينن گهڻا ڏکيا هئا پر اهي به گذري ويا، سرڪار عوام کي آخر ڪهڙي سن ۾  ڪي سهولتون ڏيندي يا ڪو رليف ڏيندي، عوام کي سادگيءَ جو سبق ڏيندڙن جي کولن لفظن کان ڪڏهوڪو معنيٰ ڇڏائجي وئي آهي، اهڙن سبقن جو عام ماڻهون ته انڪري اثر نه پيو ٿئي جو عوام آهستي آهستي اهو سمجهي رهيو آهي ته حڪمرانن جي قول ۽ فعل ۾ وڏو تضاد آهي،

اسان جي گذارش آهي ته فوري طور تي عوام کي رليف ڏيندي پيٽرول جي اگهن کي گهٽايو وڃي ان جو اضافي بار سرڪار پاڻ تي کڻي. جيئن عوام پنهنجي مسئلن مان ٿورو آجو ٿي ڪري سک جو ساه کڻي کڻي سگهي.

سرڪار کي  جيڪڏهن عوام جو ٿورو به اونو آهي ته سنڌ ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪري انهن تي عمل جي لاءِ واپارين کي پابند ڪيو وڃي۽ ان جي لاءِ مانيٽرنگ سسٽم به جوڙيو وڃي. اهي ڪي اهڙيون ڳالهيون نه آهن جن تي عمل نه ٿي سگهي يا اهي ممڪن ئي ناهن پر اصل ڳالهه اسان جي حڪمرانن جي نيت ۽ ارادي جي آهي. جيڪو گهٽ نظر اچي ٿو. عوام ڏانهن اهڙي روش جي بنياد تي اهو نتيجو حاصل ڪري سگهجي ٿو ته سرڪار سڳوري کي عام ماڻهون جو ڪو فڪر ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.