وڏو وزير تڏي تي پهتو، ضرورت پئي ته ڄام اويس جي رڪنيت معطل ڪرڻ ننڍي ڳالهه آهي: مراد شاهه

ڌاٻيجي /ملير : وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه آچار سالار ڳوٺ پهچي مقتول ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو، صوبائي وزير امتياز شيخ، صوبائي وزير سعيد غني، ايم پي اي رياض شاه شيرازي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته واقع بعد جيئن ئي اطلاع مليو ته ته پارٽي قيادت جي حڪم تحت سنڌ حڪومت پاران هدايتون جاري ڪيون ويون ته حقيقتن تي مبني ايف آءِ آر جيئن مقتول جا وارث چاهين داخل ٿيڻ گهرجي، واقعي جي تڪليف وارثن سان گڏ سڀني علائقي واسين کي ٿي اسين سنڌ جي ماڻهن جي ووٽن سان هنن ايوانن ۾ ويٺل آهيون، ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي تي دلي صدمو پهتو آهي ان ڏک جي گهڙي ۾ اسين وارثن سان برابر جا شريڪ آهيون، مقتول جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ مقتول جي خون سان انصاف ڪيو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري واقع جو نوٽيس ورتو آهي جنهن تحت ايس ايس پي ملير جي اڳواڻي ۾ انڪوائري ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي، جنهن سينئر پوليس آفيسر واقعي جي غير جانبدرانا جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندا، صحافين پاران هڪ سوال جنهن ۾ پڇيو ويو ته ڇا ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو جي رڪنيت معطل ڪئي ويندي، جنهن جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته سندس رڪنيت معطل ڪرڻ ننڍي ڳالهه آهي، اسان وارثن کي مطمئن ڪرڻ چاهيون ٿا، هن  چيو ته وفاقي سرڪار مهانگائي جي انتهائي ڪري ڇڏي آهي, مهانگائي سبب عوام جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.