حليم عادل وارثن وٽ پهتو، سردار دهشتگرد آهن: پي ٽي آءِ

ڌاٻيجي/ملير  : مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ سالار جوکيو ڳوٺ پهچي ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ناظم جوکيو جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان ان صورتحال تي پڻ  ڏک جو اظهار ڪيو آهي،هي سردار دهشتگرد آهن جن صرف ويڊيو ٺاهڻ تي ناظم جوکيو کي قتل ڪيو، هن چيو  ته ناظم جوکيو ظلم جي خلاف بيهڻ جو پيغام ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.