حالتون ٻڌائن پيون ته عمران خان پاڻ اليڪشن جو اعلان ڪندو: منظور وساڻ

نوابشاھ(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ نوابشاھ ۾ پ پ اڳواڻ اسدالله  چنا سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته  مون خواب ڏٺو آھي ته ھلندڙ سال جي آخري مھيني يا ايندڙ سال جي پھرين مھينن ۾ عمران خان جي لاءِ خطرن جو ٽائيم آھي ھن چيو ته عمران خان کي آڻيندڙ خود پريشان آھن ۽ ھن جي سپورٽ ڪندڙ به پريشان آھن ھن چيو ته عمران خان جذباتي ٿي خود جلد الڪيشن ڪرائيندو يا ڪي نگران اچي اليڪشن ڪرائيندا صحافين پاران پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته مونکي ناظم جوکيو جو تمام گھڻو افسوس آھي ۽ اسان ان واقعي جي مذمت ڪيون ٿا ھن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سي ايم سنڌ مراد علي شاھ اھڙي واقعي جي پڻ مذمت ڪئي ۽ صاف شفاف جاچ ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي ھن چيو ته شڪار جي پرميشن 80 سيڪڙو وفاقي حڪومت ڏيندي آھي جڏھن ته 20 سيڪڙو صوبائي گورنمنٽ ڏيندي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.